آفريقي ملڪ ۾ اسڪول تي حملو، 275 شاگرد اغوا

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا ۾ هٿياربند اسڪول تي حملو ڪري گھٽ ۾ گھٽ 275 شاگردن کي اغوا ڪري ويا.
اتر اولهه نائيجيريا جي هڪ اسڪول تي هٿياربندن جي حملي کان پوءِ 275 شاگرد گم آهن. ملڪ ۾ هڪ هفتي جي اندر اجتماعي اغوا جو اهو ٻيو وڏو واقعو آهي.
ڪدونا رياست جي مقامي سرڪاري اهلڪارن ڪوريگا اسڪول مان اغوا ٻارن جي اغوا جي تصديق ڪئي آهي پر انگ اکر فراهم ناهن ڪيا ويا ڇو جو اها خبر نه پئي آهي ته مغوي ٻارن جو حتمي انگ ڪيترو آهي.
سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ٻارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
گم ٿيل ٻارن مان 175 جي بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته سندن عمر 8 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهي.
آفريقا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ ۾ ڀنگ عيوض اغوا جون وارداتون عام آهن، جتي ماضي ۾ هٿيارن سان ليس ڏوهارين گروهن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي نشانو بڻايو آهي خاص طور تي اتر اولهه ۾.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.