عمران خان جيل ۾ 3 وڏا فيصلا ڪري ورتا، ڇرڪائيندڙ دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن جيل ۾ رهندي ٽي اهم فيصلا ڪري ورتا آهن.

عمران خان هن وقت جيل ۾ قيد آهي ۽ صحافي جاويد چوڌري طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمران خان جا ٽئي فيصلا اسيٽلمينٽ ڏانهن آهن.

هن دعويٰ ڪئي ته پهريون فيصلو اهو ڪيو ويو آهي ته اليڪشن بعد جڏهن ڪجهه ماڻهن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڌانڌلي ڪرائي آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ جو نالو ناهي وٺي رهي آهي.

مستقبل ۾ اسٽيبلشمينٽ جو نالو نه ورتو ويندو پر ٻن عنصرن جي ڳالهه ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن جو نالو ورتو ويندو ۽ ٽن سياسي پارٽين جا نالا ورتا ويندا.

اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائيندڙ پي ٽي آءِ سان واڳيل اڳوڻن ماڻهن کان به وٿي رکي ويندي. اهي 5 صحافي جيڪي پاڪستان کان ٻاهر ويهي پي ٽي آءِ جو بيانيو پکيڙي رهيا آهن انهن سان به لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويندو.

ٽئين فيصلي بابت هن دعويٰ ڪئي ته علي امين گنڊاپور وفاق سان گڏ هلندو، ايس آءِ ايف سي ۾ ايندو، اي سي سي ۾ ويهندو، نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ به شرڪت ڪندو ۽ وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا ويو ته ان سان ملاقاتون به ڪندو.

صحافي دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ شير افضل مروت جهڙن ماڻهن کي روڪيندي ۽ جيڪڏهن نه مڙيا ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ وٿي ڪئي ويندي.

اهڙي ريت پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ خلاف مولانا فضل الرحمان جي ڪنهن به تحريڪ ۾ ساٿ نه ڏيندي، ان کانپوءِ عمران خان کي رليف ملڻ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.