ايڪس جي بندش کي 20 ڏينهن ٿي ويا، ڪاروبار سخت متاثر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش کي 17 فيبروري کان هيل تائين 20 ڏينهن ٿي ويا آهن.

هن پليٽ فارم جي بندش سبب ڪاروباري ادارن کي نقصان ٿي رهيو آهي جڏهن ته صحافين کي پڻ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ايڪس جو متبادل ثابت نه ٿي سگهندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڪس جي پوسٽس ذريعي تنظيمون هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهنديون آهن، هاڻي اهو رابطو ختم ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي انٽرنيٽ تائين رسائي آهي ۽ 30 سيڪڙو ماڻهو سوشل ميڊيا استعمال ڪندا آهن. ايڪس واهپيدارن جو انگ 45 لک آهي.

ايڪس جي بندش سبب سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ متاثر ٿي آهي جنهن سان ننڍن ڪاروبارن کي نقصان ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.