ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ان سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس يونيورسٽي جي راندين جي ميدان تي شاگردياڻين جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ بزنيس ايڊمنسٽريشن شعبن جي ٽيمن حصو ورتو.
ان راند ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي ٽيم کي ڪاميابي حاصل ٿي. ان بعد سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ شاگردن جي وچ تقريري مقابلو ٿيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي يونيورسٽي ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو چيو ته، عورتن کي به انسان سمجهي انهن کي مردن جي برابر حق ڏنا وڃن. اسان جي معاشري جي ترقيءَ جي لاءِ صنفي برابري بيحد ضروري آهي.
هن چيو ته پنهنجي معاشري جي اڌ آبادي کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. عورتن تي ٿيندڙ هر قسم جي تشدد ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ٿيڻ گهرجي.
ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس محمد نعيم احمد پنهنجي تقرير ۾ تقريري مقابلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ توڙي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مباڪباد ڏيندي چيو ته عورتن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ برابر جا حق ملڻ گهرجن، ان سان ئي معاشرو اڳتي وڌي سگهي ٿو.
شاگردن پنهنجين تقريرن ۾ چيو ته نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ نياڻين کي خاص اپاءَ وٺي تعليم ڏيڻ گهرجي. ان طرح معاشري کي برابري ۽ ترقي ڏياري سگهجي.
آخر ۾ ڪرڪيٽ ميچ توڙي تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي جي ڊينس ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو، وائس چانسلر جي تعليم بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدلحفيظ خان ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس محمد نعيم احمد سرٽيفڪيٽ ڏنا.
هن تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، اسٽاف ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن تقريب جي ڪارروائي اسٽوڊنٽس مئنيجر زنيره جلاليءَ هلائي.