اڏام دوران جهاز جي انجڻ ڦاٽي پئي

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ اڏام دوران مسافر جهاز جي انجڻ ڦاٽي پئي جنهن کان پوءِ باهه جا شعلا ڀڙڪي پيا.

يونائيٽڊ ايئرلائين جي اڏام هيوسٽن کان فلوريڊا لاءِ روانو ٿي ته اهو واقعو پيش آيو.

يونائيٽڊ ايئرلائين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي کان پوءِ جهاز کي حفاظت سان لينڊ ڪيو ويو جڏهن ته ان ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان حادثي کان پوءِ سمورن مسافرن کي سندن منزل ڏانهن اماڻڻ لاءِ نئين جهاز جو انتظام ڪيو ويو جڏهن ته انجڻ ۾ خرابيءَ جا سبب خبر نه پئجي سگھيا آهن.

ٻي پاسي ڪجهه مسافرن حادثي تي قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني جڏهن فيڊرل ايويئيشن اٿارٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.