صدر عارف علوي کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
پاڪستان تحريڪِ انصاف سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر عارف علوي نوَ سپٽيمبر 2018ع تي پاڪستان جي 13 هين صدر طور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو.
صدر عارف علوي جو 5 سالن جو آئيني مدو 8 سيپٽمبر 2023 تي ختم ٿي ويو آهي.
ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ سبب عارف علوي صدر پاڪستان جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
آئين موجب اليڪشن کانپوءِ هڪ مهيني تائين صدر پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان جي 14 هين صدر جي چونڊ 9 مارچ (سڀاڻي ) تي ٿيندي.
آصف علي زرداري صدر جي چونڊ لاءِ حڪمران اتحاد جو اميدوار آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جو محمود خان اچڪزئي نامزد اميدوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.