قومي اسيمبلي: مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن قسم ورتو کڻي ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جو احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل، قومي اسيمبليءَ ۾ مخصوص سيٽن تي حلف کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب جو چوڻ هو ته جن اڄ قسم کنيو اِهو غيرقانوني آهي ڇو ته پشاور هاءِ ڪورٽ اسٽي آرڊر ڏنو آهي.
هن چيو ته جيستائين اسان جون 180 سيٽون پوريون نٿيون ٿين تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج باوجود مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيل چئن ميمبرن اسيمبلي رڪنيت جو قسم کنيو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدايت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مخالف ڌر مخصوص سيٽن تي عورت ميمبرن جي حلف تي اعتراض واريو.
ان دوران اسپيڪر مخصوص سيٽن تي آيل چئن ميمبرن کان حلف ورتو جنهن ۾ جيمز اقبال، نيلم حيات، نتاشا دولتانا ۽ ثمينا خالد شامل آهن.
اسپيڪر اياز صادق چيو ته عدالت يا اليڪشن ڪميشن طرفان ڪي به هدايتون ناهن مليو.
اٽارني جنرل آف پاڪستان قومي اسيمبلي ۾ ٻڌايو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جو دائرو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه آهي، پنجاب مان مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو ويو جيڪا اِها توهينِ عدالت نه آهي.
سندس چوڻ هو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو خيبرپختونخوا لاءِ مخصوص سيٽن تي لاڳو ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.