چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

ملڪ ۾ رمضان المبارڪ 1445ع هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 11 مارچ ٿي پشاور ۾ ٿيندو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اجلاس جي صدارت ڪندو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اجلاس سومر ڏهاڙي 11 مارچ 29 شعبان عصر جي نماز کان پوءِ پشاور ۾ ٿيندو.
ٻين زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس هڪ ئي وقت رٿيا ويندا. ٻي پاسي فلڪيات ماهرن موجب جيتوڻيڪ رمضان المبارڪ جو چونڊ 10 مارچ تي پيدا ٿيندو پر ان وقت اهو نظر نه ايندو، چنڊ کي 11 مارچ تي واضح طور تي ڏسي سگھبو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پهرين تراويح 11 مارچ جي رات جو ٿيندي ڇو جو 95 سيڪڙو امڪان آهي ته پهريون روزو 12 مارچ تي اڱاري جي ڏينهن ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.