نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٽن فٽن جو نوجوان ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب پورو ڪري ڇڏيو آهي.
گجرات ۾ 23 سالن جو گنيس برايا کي شروعاتي طور تي ميڊيڪل ڪائونسل آف انڊيا ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ نااهل قرار ڏنو هو ۽ ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو هو ته ننڍي قد سبب هو ايمرجنسي ڪيسز نه سنڀالي سگهندو.
گنيش ان جي باوود همت نه هاري هئي ۽ اسڪول جي پرنسپل سميت ضلعي ڪليڪٽر ۽ رياستي وزير سان به مليو هو.
سندس سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون ته هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري ڇڏي ۽ نيٺ ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ اهل ٿيو هو.
ان کانپوءِ هن انٽرنشپ ڪئي ۽ هاڻي باقاعده ڊاڪٽر بڻجي ويو آهي.