رمضان ۾ گيس جي فراهمي لاءِ شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گيس رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطار جي وقت ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي گئس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سوئي ناردرن جي ترجمان موجب سحري لاءِ 2:30 کان صبح 8 وڳي تائين ۽ افطار لاءِ 3 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گيس پريشر جي مسئلن جي حل لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، رمضان المبارڪ ۾ گئس پريشر جي مسئلن جي حل لاءِ ڪنٽرول روم به قائم ڪيا ويا آهن.

ترجمان موجب گيس پريشر يا سپلائي جي شڪايت لاءِ واهپيدار 1199 تي ڪال ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.