صدارتي چونڊ، پ پ مولانا فضل الرحمان کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي وفد جَي يو آءِ ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري صدارتي چونڊن ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي.
ذريعن موجب، پ پ وفد جي قيادت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪئي، وفد ۾ راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه ۽ نويد قمر شامل هئا، جَي يو آءِ طرفان مولانا عبدالغفور حيدري، حاجي غلام علي، انجينيئر ضياءَ الرحمان ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پ پ جي وفد مولانا فضل الرحمان سان صدارتي چونڊن ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.