ايوارڊ شوز ڪوڙا هوندا آهن، ويندي ئي ناهيان: زارا نور عباس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا زارا نور عباس چيو آهي ته ايوارڊ شوز ڪوڙا هوندا آهن، انهن ۾ شرڪت ڪندڙ فنڪارن کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته کين ايوارڊ ملندو ان لاءِ اتي ويندي ئي ناهيان، ڇو ته جن کي خبر هوندي آهي ته ايوارڊ نه ملندو ته اهي ناهن ويندا.

هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران هن چيو ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ اسڪرين کان پري رهندي، جن ماڻهن کي لڳي ٿو ته مون وٽ گهڻو پيسو آهي اهي اصل ۾ پنهنجو پيسو لڪائيندا آهن، انهن جي ڄاڻ غلط آهي، هو يوٽيوب تي ننڍي ڄاڻ واريون وڊيوز نه ڏسن.

هن چيو ته هو مڪمل ٽيڪس ادا ڪندي آهي ۽ نيب وارن سان به سندس سٺي دوستي آهي.

هن چيو ته ايوارڊز کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي، اهي شوز سنجيده ناهن هوندا، هرو ڀرو خرچ ڪيو ويندو آهي، انهن شوز ۾ وڃڻ ئي نه گهرجي.

هن واضح ڪيو ته هو جيترن به ايوارڊ شوز ۾ شرڪت ڪئي آهي ۽ ڊانس ڪئي آهي انهن جا کيس پيسا مليا آهن ۽ هو پيسا وٺندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.