پي ايس ايل رڪارڊ سٺو هو، خبر ناهي ڇو نه کنيائون: عمر اڪمل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽر عمر اڪمل جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) ۽ پنهنجي بيٽنگ کي مس ڪري رهيو آهي.
لاهور ۾ قادر سپر ليگ جي فائنل جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته فرنچائزز ڇو نه چونڊيو اِها انهن جي مرضي آهي، مان ڪنهن به ڏوهي قرار نه ڏيندس.
هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته پي يس ايل ۾ منهنجي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي، مان ٽريننگ ڪري رهيو آهي، ڪلب ميچون کيڏي رهيو آهيان، فٽنس تي ڌيان آهي، مضبوط انداز ۾ واپسي ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.