ملڪ ۾ سون اڄ به مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 450 روپيا واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 450 روپيا واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت 2 لک 28 هزار 600 روپيا آهي.
10 گرام سون جو مُلهه به 386 روپيا وڌي 1 لک 95 هزار 988 روپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي بازار ۾ سون جو مُلهه 6 ڊالر اضاف سان 2 هزار 160 ڊالر پريميم شامل ڪري 2 هزار 180 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.