عورتن کي هراسان ڪرڻ منهنجي ريڊ لائين آهي: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته افسوس آهي زيادتي وارن واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، عورتن کي هيسائڻ منهنجي ريڊ لائين آهي.
عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چاهيان ٿي ته ٻين صوبن ۾ به عورتون وزيرِاعليٰ هجن، عورتن لاءِ ڪو هڪ ڏهاڙو مقرر ناهي هوندو، هر ڏينهن عورتن جو ڏينهن هوندو آهي، هر عورت سلام پيش ڪيان ٿي ۽ سندن قدر ڪيان ٿي.
هن چيو ته عورتن کي هراسان سميت کوڙ سارا معاملا برداشت ڪرڻا پوندا آهن، پر ان باوجود عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيون آهن.
مريم نواز چيو ته هن کي به هيسائڻ سميت ٻين معاملن رُڪ بڻايو آهي، عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهين ٿيون ته ضرور ڏيکارين، عورتن کي هراسان ڪرڻ منهنجي ريڊ لائين آهي.
سندس چوڻ هوته عورتن جي تحفظ لاءِ سيفٽي ايپ تيار ڪئي وئي آهي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جون شاگردياڻيون ۽ ورڪنگ وومين کي اِها ايپ استعمال ڪرڻ گهرجي، زيادتي ۽ تشدد ڪندڙ جوابدار پڪڙيا ويندا آهن پر عدالت مان کين رهائي ملي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.