ماضي جي غلطين مان سبق سکي پاڻ کي بهتر بڻايو: اساما مير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي اسپنر ۽ ميگا ايونٽ هنيئر تائين سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ليگ اسپنر اساما مير چيو آهي ته ماضي ۾ خراب ڪارڪردگي سبب ڏاڍي مايوسي ٿي هئي، ماڻهن وٽان کوڙ ڳالهيون ٻڌڻيون پيون، جتي کوٽ هئي انهن غلطين تي ڪم ڪيو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اساما مير چيو ته يڪدم ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سلو بال ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ايڪشن تبديل ڪري ڇڏيو، اندازو هوته ڪهڙيون غلطيون ڪري رهيو آهيان پر ساڳيون غلطيون ورجائيندو رهيس.
هن چيو ته گهڻو پوءِ احساس ٿيو ته منهنجو ايڪشن مڪمل ناهي ٿي رهيو جنهن ڪجهه غلطيون هيون اِهي درست ڪيون.
ليگ اسپنر چيو ته ورلڊ ڪپ جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب اعتماد متاثر ٿيو، مان پنهنجي غلطين مان سبق سکيو، عالمي ڪپ کانپوءِ سخت محنت ڪئي.
پاڪستان سپر ليگ جي ڪارڪردگي بابت اساما مير ٻڌايو ته هنيئر تائين 18 وڪيٽون وٺي چڪو آهيان ۽ سڀ کان بهترين وڪيٽ بابر اعظم جي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته باقي ميچن ۾ مومينٽم برقرار رکڻ لاءِ پراميد آهيون، ٻه ڀيرا فائنل ۾ ناڪام ٿيا آهيون هن دفعي ضرور چيمپيئن بڻجنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.