پشاور هوائي اڏي تي شارجا ويندڙ مسافر جي ٿيلهي مان چار ڪلو آئس هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس( اي ايس ايف ) پشاور هوائي اڏي تي ڪارروائي ڪندي شارجا ويندڙ مسافر جي سامان مان اٽڪل چار ڪلو منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.
اي ايس ايف اختيارين موجب، هڪ مسافر پشاور کان شارجا وڃي رهيو هو، سندس سامان جي تلاشي دوران عملي هڪ ٿيلهي کي شڪي قرار ڏنو ۽ ڇنڊڇاڻ دوران ٿيلهي جي هيٺان انتهائي مهارت سان لڪايل آئس هيروئن هٿ آئي.
اي ايس ايف موجب، ڪارروائي دوران 3.90 ڪلو آئس هيروئن جي شارجا اسملگنگ کي ناڪام بڻايو ويو ۽ جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف جي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.