دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ پينو فقيرن جي خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ڪئي وئي آهي.
دبئي پوليس عوام کي درخواست ڪئي آهي ته خيرات ڏيڻ کان پاسو ڪريو ۽ پينو فقيرن جي حوصلا شڪني ڪريو.
دبئي پوليس جو چوڻ آهي ته پينو فقيرن تي 5 هزار درهم ڏنڊ لڳندو ۽ کين 3 مهينا جيل جي به سزا ڀوڳڻي پوندي.
اماراتي قانونن موجب پينو فقيرن جي گينگ هلائڻ تي 1 لک درهم ڏنڊ لڳندو ۽ پينو فقيرن کي پرڏيهه کان ڀرتي ڪرڻ تي 6 مهينا جيل جي به سزا ٿيندي.
دبئي پوليس عوام کي درخواست ڪئي آهي ته آن لائين پينو فقيرن کان به هوشيار رهن ۽ پينو فقيرن جي اطلاع لاءِ ٽول فري نمبر تي فراهم ڪيو ويو آهي.
You might also like