مشهور اداڪارا ڀيڻ جي لاڏاڻي بعد پاڻ به فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي شو جَهنڪ جي مشهور اداڪارا ڊولي سوهي گذريل رات لاڏاڻو ڪري وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڊولي سوهي سروائيڪل ڪينسر ۾ مبتلا هئي، سندس عمر 48 سال هئي.

هڪ رات اڳ ئي اداڪارا جي ڀيڻ امنديپ سوهي ڪاري ڪامڻ وگھي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

اداڪارا ڊولي سوهي جي گهرڀاتين ڀارتي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڊولي اسان کان گھڻو پري هلي وئي، اسان سڀ صدمي ۾ آهيون.

خانداني ذريعن موجب ڊولي ۾ 6 مهينا اڳ سروائيڪل ڪينسر جي سڃاڻپ ٿئي هئي. بيماري جي علاج دوران اداڪارا کي جهنڪ به ڇڏڻو پئجي ويو هو.

اداڪارا جي ڀيڻ جي موت بابت خاندان جو چوڻ هو ته اهو سچ آهي ته امنديپ به زندهه نه آهي، هن جو جسم بيماري سان وڙهندي وڙهندي هارائي ويو هو، کيس ڪارو ڪامڻ هو.

واضح رهي ته ڊولي ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جو مشهور چهرو هئي جنهن ميري عاشقيتم سي هي، خوب لڙي مرداني، جهانسي ڪي راني ۽ پرينيتي جهڙن ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.