محمود اچڪزئي جو اليڪشن ڪميشن کي خط، صدارتي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل طرفان صدارتي چونڊن ۾ اميدوار محمد خان اچڪزئي صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
محمود اچڪزئي پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون ڪيئي مخصوص سيٽون اڃا خالي آهن، اليڪٽرول ڪالج مڪمل ٿيڻ تائين اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن نوَ مارچ تي صدارتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن لاءِ پيپلز پارٽي جي آصف زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم پاڪستان صدارتي چونڊن ۾ پ پ اميدوار آصف علي زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.