رمضان ۾ ڪهڙي ورزش ڪري وزن کي وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو؟

رمضان مهيني ۾ گھڻا ماڻهو روزو رکڻ جي ڪري سست ٿي ويندا آهن ۽ ورزش ڇڏي ڏيندا آهن جنهن سان سندن وزن وڌي ويندو آهي.
روزو رکندڙ ماڻهو سست ٿي ويندا آهن ۽ افطار کان پوءِ سندن وزن وڌي ويندو آهي، اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون ورزشون ٻڌايون پيا جيڪي ڪرڻ سان اوهان جو وزن ضابطي ۾ رهندو.
افطار کان پوءِ ورزش
جڏهن اوهان روزو افطار ڪري وٺو ته ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪلاڪ ڪڍو جنهن ۾ اوهان ورزش ڪري سگھو ڇو جو کائڻ پيئڻ کان پوءِ جسم کي طاقت ملي ويندي آهي ۽ اوهان آرام سان پنهنجي ورزش ڪري سگھو ٿا.
گھٽ محنت واري ورزش
هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙي ورزش ڪئي وڃي؟ جڏهن اوهان روزو افطار ڪري وٺو ته ٿورو آرام ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ورزش ڪريو جنهن ۾ اوهان جي گھڻي طاقت نه لڳي، مثال جي طور تي پنڌ ڪرڻ، يوگا، ترڻ ۽ پٺن جي اسٽريچنگ يا وري رننگ ڪري به ورزش ڪري سگھجي ٿي.
ان کانسواءِ پيش اپس ۽ هلڪو وزن کڻي به ورزش ڪري سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.