ناديا جميل جو مرگھي ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ موذي مرض ڪينسر کان اڳ مرگھي ۾ به مبتلا هئي ۽ کيس هيل تائين بيهوشيءَ جا دورا پوندا آهن.
برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي اداڪارا ٻڌايو ته هن کي ڪينسر مان صحتياب ٿئي 3 سال ٿي چڪا آهن.
اداڪارا چيو ته بيماري وگھي کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو ۽ ڪينسر جو علاج ٿيڻ سبب هن ٻين پيچيدگين کي به منهن ڏنو هو، جنهن جي ڪري سندس ذهني صحت گھڻي خراب ٿي چڪي هئي پر هاڻي هوءَ خوش ۽ پرسڪون آهي.
اداڪارا انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته جڏهن هوءَ 5 سالن جي هئي ته سندس سڄو هٿ ڀڄي پيو هو جنهن کان پوءِ هن کي مرگھي جا دورا پوڻ لڳا.
اداڪارا ٻڌايو ته هن کي سڄي پاسي مرگھي جا دورا پوندا آهن ان ڪري هن جو سڄو هٿ درست انداز ۾ ڪم ناهي ڪندو، هوءَ سڄي هٿ بدران کٻي هٿ سان کاڌو کائيندي آهي ۽ جڏهن هوءَ کاڌو کائيندي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪندي آهي ته کيس گاريون ڏنيون وينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.