رمضان ۾ 9 لک مستحقن کي 10 هزار روڪ ڏنا ويندا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور رمضان جي آمد تي اعلان ڪيو ته 9 لک مستحق ماڻهن کي 10 10 هزار رپيا روڪ ڏنا ويندا.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هو پهريون ڪم رليف جو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ صوبي ۾ 9 لک مستحق ماڻهن کي 10 هزار روڪ ڏنا ويندا، شفافيت برقرار رکڻ لاءِ احساس پروگرام ذريعي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ۽ عوام جي ڏکيائين کي گهٽائين جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.