سنڌ اسيمبلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوري هيرو قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ جمع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوري هيرو قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ مڃيو آهي ته ڀٽو ڪيس ۾ غلطي ٿي آهي، جيڪو ظلم ٿيو آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪرڻيون پونديون.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور تي شهيد ڊڪليئر ڪيو وڃي.
ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالوسيم چيو ته ناني جو قتل ٿيو ۽ ڏوهٽي فيصلو ٻڌو، اسان اهڙي ملڪ ۾ رهون پيا، جتي انصاف جي کوٽ آهي.
جماعت اسلامي ميمبر محمد فاروق ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جو نقصان ٿيو آهي، ان جو رستو ڪير روڪيندو؟ ان جو رستو جمهوري ماڻهن کي روڪڻو آهي، اڄ به هڪ وزيراعظم جيل ۾ آهي، نڪاح جي نالي تي ان کي سزا ڏني وئي، جمهوري ماڻهن کي سزا ثبوت جي بنياد تي ڏيو، زور ۽ زبردستي جي بنياد تي سزا نه ڏني وڃي.
پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شبير قريشي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو، ثابت ٿي ويو ته عوام لاءِ وڙهندڙن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿيندو آهي.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.