لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي آف اسپنر عثمان طارق جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿي ويو.
عثمان طارق جو بالنگ ايڪشن ڪرڪيٽ قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان کي ميچ آفيشلز رپورٽ ڪيو آهي.
آف اسپنر جو بالنگ ايڪشن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي وچ ۾ 6 مارچ تي کيڏيل ميچ دوران شڪي قرار ڏنو ويو ۽ ان کي رپورٽ ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن ميچ ۾ امپائرنگ جا فرض آصف يعقوب ۽ انگلينڊ جي رچرڊ ايلنگ ورٿ انجام ڏنا هئا.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم مينيجمينٽ پي سي بي کي درخواست ڪئي آهي ته عثمان طارق کي بالنگ ايڪشن ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪو مناسب وقت تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فراهم ڪيل سهولت موجب هوندو.
You might also like