اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جسٽس ملڪ شهزاد کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر عارف علوي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ نعيم اختر افغان جي سپريم ڪورٽ جي جج طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته صدر جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس طور مقرري جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري به ڏني وئي آهي.
You might also like