سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، هر خاندان کي 5-5 هزار ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 22 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ ۾ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رمضان رليف پيڪيج جو به اعلان ڪيو ويو.
ترجمان موجب وڏي وزير 22.5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو، جهن تحت سنڌ جي 60 سيڪڙو آبادي کي 5 هزار رپيا روڪ ڏنا ويندا.
ترجمان ٻڌايو ته گهٽ کان گهٽ پگهار وارن 44 لک خاندانن کي رمضان ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گهٽ کان گهٽ آمدني 34 هزار رپيا آهي ۽ اهڙي هر خاندان کي رمضان ۾ 5 هزار رپيا بئنڪ ذريعي ڏنا ويندا.
ترجمان موجب جيڪڏهن 44 لک خاندانن کي 5 هزار رپيا ڏنا وڃن ته رقم 22.5 ارب رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.