ڪراچي ۾ نشائي وڙهي پيا، فائرنگ ۾ هڪ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪلاڪوٽ غريب شاهه مزار ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ مسلم بلوچ جي نالي سان ٿي، مارجي ويل ۽ زخمي نشي جا عادي هئا، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ ڪنهن هڪ وٽ پسٽل هو، جنهن فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ سان زخمي ٿيندڙن ۾ ثاقب ۽ طفيل شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.