هنن شين تي پورا لهو ٿا ته ٽڪ ٽاڪ مان پيسا ڪمائڻ شروع ڪريو، نئون پروگرام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور سوشل ميڊيا وڊيو پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن لاءِ پيسا ڪمائڻ جي حوالي سان نئون اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ٽڪ ٽاڪ طرفان نئين پروگرام تحت واهپيدار سولائي سان پيسا ڪمائي سگهن ٿا. هن پروگرام کي ڪريئيٽرز ريوارڊز جو نالو ڏنو ويو آهي.

هن پروگرام جي آپٽيمائزيشن چئن شين تي هوندي جن ۾ اوريجنل ڪانٽينٽ، وڊيو پلي ڊيوريشن، سرچ ويليو ۽ آڊينس جي انگيجمينٽ شامل آهي.

پروگرام تح اهي ئي واهپيدار پيسا ڪمائي سگهن ٿا جن جي وڊيو جي ڊيوريشن هڪ منٽ کان وڌيڪ هجي، اڪائونٽ تي گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار فالوورز هجن ۽ گذريل هڪ مهيني ۾ سندن وڊيوز تي هڪ لک ويوز هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.