صدر ٻن سالن کان گهٽ سزا واري عورتن ۽ ٻارن کي معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي انساني بنيادن تي ٻن سالن کان گهٽ سزا وارين عورتن ۽ ٻارن کي معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايوان صدر موجب صدر انهن عورتن ۽ ٻارن کي معافي جي منظوري به ڏني، جن جي رهيل سزا ٻن سالن کان گهٽ آهي.
معافي قتل، بغاوت، جاسوسي، اغوا، ڦر ۽ رياست خلاف سرگرمي جي ڏوهارين جي لاڳو نه ٿيندي.
ايوان صدر جي پڌرائيءَ موجب زنا آرڊيننس، دهشتگردي روڪ ۽ منشيات روڪ قانونن جي ڏوهارين کي به معافي نه ملندي.
صدر عارف علوي معافي جي منظوري وزيراعظم جي ايڊاوئس تي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.