عمران هاشمي جي گهرواري کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور ادڪار عمران هاشمي جي گهرواري سندس خوراڪ مان تنگ اچي کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، عمران هاشمي پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران پنهنجي روز مره جي خوراڪ جي روٽين بابت انڪشاف ڪيو، جنهن تي هو گذريل ٻن سالن کان عمل ڪري رهيو آهي.
عمران هاشمي چيو ته هو پنهنجي ۽ صحت تي سخت محنت ڪري رهيو آهي جنهنڪري گذريل ٻن ورهين کان هڪ ئي ڊائيٽ پلان تي عمل ڪري رهيو آهي جيڪا چڪن قيمي، سلاد ۽ گجرن تي ٻڌل آهي.
اداڪار چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته سندس خوراڪ ڏاڍي بيزار ڪندڙ آهي پر اِهو سندس صحت لاءِ فائديمند آهي، چڪن قيمو کائڻ ۾ هلڪو هوندو آهي، سولاني سان هضم ٿي ويندو آهي جڏهن ته سلاد ۽ گجر جا به کوڙ سارا فائدا آهن.
هن چيو ته سندس بورچي هن لاءِ سڄي هفتي جو کاڌو تيار ڪري رکي ڇڏيندو آهي، پوءِ هو روز پنهنجي حساب سان لنچ ۽ ڊنر ڪندو آهي.
انٽرويوءَ دوران عمران هاشمي پنهنجي گهرواري جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اهڙي قسم جي خوراڪ جي ڪري گهرواري مون کي ڇڏڻ بابت سوچي رهي آهي، هوءَ ڌمڪيون ڏيندي رهندي آهي پر هن اڃا تائين اهڙو قدم ناهي کنيو.
واضح رهي ته عمران هاشمي تمام جلد سيريز ” شو ناٽم “ ۾ پروڊيوسر جي ڪردار ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.