ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۽ ورلڊ بينڪ واٽر گلوبل ڊائريڪٽر سورج ڪمار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري کيس مبارڪباد ڏني.
يو اي اي جي قونصل وڏ وزارت سنڀالڻ تي مراد علي شاهه کي مبارڪباد ڏني ۽ ملاقات ۾ گڏيل عرب امارتن جي سنڌ ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٻنهي وچ ۾ اتفاق ٿيو ته اماراتي سيڙپڪارن جو وفد ڪراچي گهرايو ويندو ۽ منصوبن کي به حتمي شڪل ڏني ويندي.
هوڏانهن ورلڊ بينڪ واٽر گلوبل ڊائريڪٽر سورج ڪمار سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته ڪراچي واٽر ڪارپوريشن کي بهتر انداز ۾ هلائڻو پوندو ته جيئن اهو پنهنجا خرچ پورا ڪري سگهي، ان جو فنانشل ماڊل بهترين هجڻ گهرجي، ان وقت اهو ادارو پنهنجي بجلي بل جي ادائيگي لاءِ سنڌ حڪومت کان مدد وٺندو آهي.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ جي مشاورت تي واٽر بورڊ ۾ سڌارا آندا ويندا، واٽر ڪارپوريشن کي هڪ اثرائتو ۽ بهترين ادارو بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
You might also like