برج خليفه کان به وڏو ٽاور، اهم ملڪ تعمير شروع ڪري ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ دنيا جو بلند ترين ٽاور تعمير ڪيو ويندو، جنهن جي اوچائي ٻه ڪلو ميٽر هوندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب architects journal ٻڌايو ته برطانوي ڪمپني رياض ۾ تعمير ٿيندڙ بلند ترين ٽاور جي ڊيزائن تيار ڪري رهي آهي.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سعودي عرب جي شهر رياض ۾ تعمير ٿيندڙ ٽاور برج خليفه کان بلند هوندو، جيڪو دنيا جو سڀ کان بلند ٽاور آهي ۽ ان جي اوچائي 829.8 ميٽر آهي.
رياض ۾ اهو ٽاور ڪنگ خالد ايئرپورٽ ڀرسان تعمير ڪيو ويندو پر ان بابت وڌيڪ تفصيل اڃا سامهون ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.