پرڏيهي عورتن سان اجتمائي ڏاڍائي، پوري ڀارت کي شرم اچڻ گهرجي: سري پدا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گلوڪارا چنمئي سري پدا جهارکنڊ رياست ۾ پرڏيهي عورت سياح سان اجتمائي ڏاڍائيءَ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ان وقت ڀارتين جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ٿي ويندو آهي جڏهن ” ڪجهه “ ڀارتي اولپمڪ ۾ ميڊل کٽيندا آهن ته کين ان وقت شرم اچڻ گهرجي جڏهن ” ڪجهه “ ڀارتي مرد پرڏيهي عورت سان اجتمائي زيادتي ڪندا آهن.
ان کان اڳ بالي ووڊ اداڪارا ريچا چڍا به اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻجندڙ هسپانوي عورت لاءِ گهري ڏُک جو اظهار ڪيو هو ۽ ملوث ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.
ياد رهي ته پهرين مارچ جي رات جهار کنڊ جي هڪ ويران علائقي ۾ پنهنجي عارضي خيمي ۾ رات گذارڻ لاءِ ترسندڙ هسپانوي جوڙي تي 7 ماڻهن حملو ڪري عورت کي زيادتي ۽ سندس مڙس کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.