مڪيش ۽ نيتا امباڻي پنهنجي ننڍي نُنهن کي تحفي ۾ ڇا ڏيندا؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا جي امير ترين شخصيت مڪيش امباڻيءَ جي سڀ کان ننڍي پٽ جي شادي تي پسئو پاڻي وانگر وهايو ويو جنهنڪري دنيا ان کي ” افسانوي “ شادي قرار ڏئي رهي آهي.
ويجهڙ ۾ اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي کان اڳ گجرات جي علائقي ڄام نگر ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ تقريبون پڄاڻي تي پهتيون جنهن بابت بلومبرگ اڪنامڪ ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته شادي جي تقريبن تي هنيئر تائين سئو ملين ڊالر جي رقم خرچ ٿي چڪي آهي.
اننت امباڻي جي شادي سڄي دنيا جو ڌيان حاصل ڪيو آهي، ڇو ته ان ۾ مائڪرو سافٽ باني بل گيٽس ۽ فيس بُڪ باني مارڪ زڪربرگ سميت ڊزني جي سي اي او ۽ ٻين امير ترين بزنس ٽائيڪون شرڪت ڪئي آهي.
شادي جون تقريبون ته پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن پر هاڻي ڀارتي ميڊيا تي امباڻي جي ٻنهي نُنهن جي شادي کان اڳ ڏنل مهانگن ترين تحفن جا چرچا آهن.
مڪيش امباڻي ۽ نيتا امباڻي جي وڏي پٽ آڪاش امباڻي جي شادي شلوڪا مهتا سان نوَ ماچر 2019ع تي ممبئي ۾ ٿي هئي، ان موقعي تي نيتا امباڻي پنهنجي وڏي نُنهن کي شاديءَ تي 91 هيرن سان جڙيل 451 ڪروڙ رُپين جو هار تحفي ۾ ڏنو هو.
407 قيراط مان تيار ڪيل هيرن جي هار کي گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ دنيا جو سڀ کان قيمتي هار قرار ڏنو هو، هار کي لبناني جيولر معاواد ڊيزائن ڪيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، هاڻي سس سهرو يعني نيتا ۽ مڪيش امباڻي پنهنجي ننڍي نُنهن راڌيڪا مرچنٽ کي به ايترو ئي قيمتي تحفو ڏيڻ جي حق ۾ آهن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نيتا امباڻي، راڌيڪا مرچنٽ کي پنهنجو خوبصورت موتين ۽ هيري جو چوڪر تحفي ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اِهو هار نيتا امباڻي مڪيش امباڻي جي ڀاڻيجي ايشيتا سالگا ڪور جي ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ ۾ پاتو هو، ان کان اڳ ساڳو  ئي هار نيتا امباڻي سونم ڪپور جي شادي جي آجياڻي ۾ به پائي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.