شادي شده عورتن کي تشدد ۽ تذليل برداشت ڪرڻ بدران رشتو ئي ختم ڪرڻ گهرجي: نورين وقار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا نوين وقاد چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شادي شده عورت کي تشدد ۽ تذليل برداشت ڪرڻو پوي ته ان کان بهتر آهي رشتو ئي ختم ڪري ڇڏجي.
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهه ٻول ڪندي ادڪارا نوين وقار چيو ته هوءَ ڇوڪرين جي ذهنيت جو ذميوار سندن والدين کي قرار ڏئي ٿي، والدين کي پنهنجي اولاد جي پالنا اهڙي انداز ۾ ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ڪير کين ماري، عزت نه ڏئي ته کين اِهو رشتو ختم ڪرڻ جو حق حاصل هجي.
هن چيو ته ماءُ پيءُ کي اِهو سوچڻ گهرجي ته سندن نياڻين جي زندگي خلاق کان وڌيڪ اهم آهي، زمانو تبديل ٿي چڪو آهي، پهريان ائين هوندو ته ڇوڪري کي چيو ويندو هوته سندس جنازو سندس ساهرن جي گهران نڪرندو پر هاڻي ائين ناهي ٿيندو.
طلاق واري موضوع تي گفتگو ڪندي نوين جو چوڻ هو ته هاڻي اِهو زمانو ناهي رهيو، طلاق وٺڻ يا ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي رهي، طلاق خوشي جي ڳالهه ناهي پر انتهائي خوفناڪ آهي پر اِهو به ياد رکڻ گهرجي ته طلاق سان دنيا ختم ناهي ٿي ويندي.
نوين وقار چيو ته ڇوڪرين کي طلاق وقت اِهو سوچي پريشان نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن والدين کين پاڻ وٽ نه رهايو ته ڇا ٿيندو؟ عورتن کي اِهو سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن خدا کين ايڏي وڏي ڏچي مان ڪڍيو آهي ته سندن لاءِ اڳتي به گهڻو ڪجهه ڪيو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.