ڇا ڀُٽو جيان عمران خان جي فيئر ٽرائل لاءِ به 50 سال انتظار ڪرڻو پوندو؟ پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ذوالفقار علي ڀٽو بابت عدالتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل سامهون اچي ويو.
پي ٽي آءِ طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي معاملي ۾ ان حقيقت تائين پهچندي پهچندي ته فيئر ٽرائل نه مليو سپريم ڪورٽ کي 50 سال لڳي ويا، ڇا عمران خان جي فيئر ٽرائل لاءِ به قوم کي 50 سال انتظار ڪرڻو پوندو.
پي ٽي آءِ ترجمان موجب ذوالفقار علي ڀٽو معاملي ۾ عدالتي راءِ رڳو ان ئي صورت ۾ بامقصد ٿي سگهي ٿي ته عدالت عظميٰ اڄ لاقانونيت جو رستو روڪڻ لاءِ ڀرپور قوت استعمال ڪري.
پي ٽي آءِ مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرواري سميت تحريڪ انصاف جي قيد اڳواڻن ۽ بي ڏوهه ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ فيئر ٽرائل ذريعي انهن خلاف ڪوڙن ڪيسن جا فيصلا ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.