مون لاءِ قانون ۾ خاص رعايت ملڻ شرم جوڳي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته مون لاءِ قانون ۾ خاص رعايت ملڻ شرم جوڳي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ 3 رڪني بئنچ پابندي پيل هٿيارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس چيو ته پابندي پيل هٿيارن جا لائسنس رکڻ جي ڪيٽيگري ۾ پنهنجو نالو بنا اجازت جي شامل ڪيو ويو، مان ان معاملي تي خط لکيو هو، جنهن جو جواب نه ڏنو ويو، مون لاءِ قانون ۾ خاص رعايت ملڻ شرم جوڳي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان معاملي ۾ عدالتي مددگار مقرر ڪيون.
هن چيو ته ڪلاشنڪوف ڪو رانديڪو ناهي، پبلڪ سرونٽ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ هوندو آهي، اسڪولن ۾ وڃو ته اتي سيڪيورٽي گارڊ هٿيار کڻي بيٺا هوندا آهن، هٿيار کنيل شخص بابت ڪيئن خبر پوندي ته هو دهشتگرد آهي يا نه، شام جو اسلام آباد ۾ ڏسو ڇا ٿيندو آهي، اميد آهي ته نئين حڪومت اچي ان معاملي تي ڪي قدم کڻندي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪير به عوام جو ناهي سوچيندو، سوشل ميڊيا تي هٿيارن جي نمائش جون وڊيوز موجود آهن ۽ هٿيارن لاءِ وڏين شخصيتن جون به وڊيوز آهن، اسان ڪنهن جو نالو کڻي ان کي شرمندو نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل بهتر بڻائڻو آهي، آءِ جي به پوليس جي قافلي سان گڏ سفر ڪندو آهي، ڪيستائين قانون سان مذاق ٿيندو رهندو، جڏهن بم ڦاٽن ته ڀتيون وڏيون ڪيون وينديون آهن.
جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي به اجازت آهي ته اهي ٽيبل تي هٿيار رکي ويهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته شادي تقريبن ۾ هٿيارن جي نمائش ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.