جنوري ۾ ڊالر جو اگهه ڪِرڻ سان حڪومتي قرض 346 ارب رپيا گهٽجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنوري ۾ ڊالر جو اگهه ڪِرڻ سان حڪومتي قرض 346 ارب رپيا گهٽجي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال جنوري جي پڄاڻي تي حڪومت جو مجموعي قرض 64 هزار 842 ارب رپيا رهيو، جيڪو گذريل سال ڊسمبر کان 346 ارب رپيا گهٽ آهي.
جنوري ۾ حڪومت جي مقامي قرض ۾ 38 ارب رپين جي واڌ ٿي، جڏهن ته ٻاهريون قرض 384 ارب رپيا گهٽيو.
مرڪزي بئنڪ موجب ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ جنوري ۾ ڊالر جو اگهه 2 رپيا 30 پئسا گهٽ ٿيو.
هڪ سال دوران حڪومت جو قرض 9 هزار 820 ارب رپيا وڌيو آهي، جنهن ۾ 8 هزار 291 ارب رپيا مقامي ۽ هڪ هزار 528 ارب رپيا ٻاهريون قرض آهي.
مرڪزي بئنڪ موجب هڪ سال ۾ ڊالر 11 رپيا 70 پئسا مهانگو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.