دي هنڊريڊ ليگ، پليئرز ڊرافٽ ۾ 65 پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا نالا شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) برطانوي ڪرڪيٽ ليگ ” دي هنڊريڊ “ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ ويهه مارچ تي ٿيندڙ پليئرز ڊرافٽ ۾ 65 پاڪستاني ڪرڪيٽرن رجسٽريشن ڪرائي آهي.
دي هنڊريڊ ۾ رجسٽر ٿيندڙ پاڪستاني رانديگرن ۾ 60 مينز ۽ پنج وومينز ڪرڪيٽر شامل آهن جڏهن ته رڳو ٻن پاڪستاني رانديگرن کي سندن ٽيمن اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي.
مانچيسٽر اوريجنل جي ٽيم پاڪستاني ليگ اسپنر اساما مير کي ۽ ويلش فائر حارث رئوف کي ري ٽين ڪيو آهي، ڊرافٽ ۾ حسن علي ۽ نسيم شاهه جي ريزو پرائس هڪ لک پائونڊ مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته حسن ۽ نسيم ڊرافٽ لاءِ رجسٽر پاڪستان جا مهانگا ترين ڪرڪيٽرآهن.
پاڪستاني رانديگرن ۾ شاداب خان ۽ افتخار احمد جي ريزرو پرائس 75 هزار پائونڊ، محمد عامر، صائم ايوب عامر جمال ۽ عبدالله شفيق جي بيس پرائس 60 هزار جڏهن ته فخر زمان، محمد حارث ۽ عماد وسيم جي ڊرافٽ ۾ ريزرو پرائس 50 هزار پائونڊ آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽر مير حمزا، محمد حسنين ۽ اعظم خان 40 هزار پائونڊز جي ريزرو پرائس سان رجسٽر ٿيا جڏهن ته مينز هنڊريڊ لاءِ رجسٽر ٻين 46 پاڪستاني رانديگر بنا ريزرو پرائس جي شامل آهن.
ريزرو پرائس بنا رجسٽر پليئرز ۾ سلمان علي آغا، ابرار احمد، عمر اڪمل ۽ آصف علي به شامل آهن ان کانسواءِ حيدر علي، عمر امين، فهيم اشرف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جا نالا به فهرست ۾ شامل آهن.
زمان خان، شان مسعود، محمد نواز، رومان رئيس، سعود شڪيل، حنين شاهه ۽ وسيم جونيئر جا نالا به بنا ريزروڊ پرائس پاڪستاني رانديگرن ۾ شامل آهن.
عورتن ۾ ارم جاويد، ندا ڊار ۽ فاطما ثناءَ 17 هزار 5 سئو پائونڊ جي ريزرو پرائس سان رجسٽر ٿيون جڏهن ته عاليا رياض ۽ جويريا رئوف بنا ريزرو پرائس جي ڊرافٽ ۾ شامل آهن.
دي هنڊريڊ ليگ جو چوٿون ايڊيشن جولاءِ ۾ شروع ٿيندو، چوٿين ايڊيشن ۾ مينز ۽ وومينز جون 8 – 8 ٽيمون حصو وٺنديون، ايونٽ جي پهرين ميچ 23 جولاءِ تي لارڊز جي تاريخي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ برمنگهم فينيڪس ۽ اوول انوينسيبلز وچ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.