سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر هارين کي ٿرڊ فيز ۾ سبسڊي جي رقم جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر هارين کي ٿرڊ فيز ۾ سبسڊي جي رقم جاري ڪئي وئي.
سنڌ حڪومت هڪ لک 68 هزار هارين کي يوريا ڀاڻ تي 10.17 ارب رپين جي سبسڊي جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين جي مالڪ هاري کي 60 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن.
صوبائي زراعت کاتي موجب متاثر هاري سبسڊي جي رقم بئنڪ اڪائونٽ يا موبائل فون ذريعي وصول ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.