سعيد اجمل جي روي ايشون جي بابت وڏي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ليجنڊري اسپنر سعيد اجمل ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته ايشون وقت سان گڏگڏ پاڻ کي گهڻو تبديل ڪيو آهي ۽ هو فٽ رهيو ته ڇهه سئو وڪيٽون به حاصل ڪري سگهي ٿو.
روي چندرن ايشون انگلينڊ خلاف ڪيريئر جي 100 هين ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيو آهي، ان موقعي تي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد اجمل چيو ته بالر لاءِ ڊگهي عالمي ڪيريئر لاءِ پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت هوندي آهي.
هن چيو ته ايشون پنهنجي بالنگ ۾ گهڻي ڦيرڦار ڪئي آهي، ايشون پنهنجو ايڪشن به بدلايو آهي ائين کڻي چئجي ته هن وقت سان گڏگڏ پاڻ کي گهڻو تبديل ڪيو آهي.
سندس چوڻ هوته ڀارت ۾ ئي رڳو 350 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو مطلب آهي ته هن ڪيتري زبردست بالنگ ڪئي آهي، ڀارت جون پِچز اسپنرن لاءِ سازگار هونديون آهن پر بالرن کي ڊسپلن سان بالنگ ڪرڻي پوندي آهي، ايشون وڪيٽون وٺڻ لاءِ ” دوسري“ تي ناهي ڀاڙيو.
اڳوڻي اسپنر وڌيڪ چيو ته اِهو ئي اسپنر ڪامياب آهي جيڪو صورتحال کانسواءِ به وڪيٽون وٺي، ايشون سئو کان گهٽ ٽيسٽ ميچن ۾ پنج سئو وڪيٽون ورتيون جيڪڏهن هو فٽ رهيو ته ڇهه سئو وڪيٽون به وٺي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.