پاڪستان ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچن جي ڳولا شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪجهه ڪوچز نظرون ڄمائي ورتيون.
ذريعن موجب، ڪوچز ۾ پاڪستان سپر ليگ ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ڪوچ پڻ شامل آهن، ان فهرست ۾ ڊيرن سيمي ۽ مائيڪ هيسن جا نالا به شامل آهن، ان کانسواءِ سر ويوين رچرڊز جو نالو به مينٽورشپ لاءِ غور هيٺ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جلد ڪوچنگ اسٽاف کي قطعي شڪل ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
پاڪستان ٽيم جي اپريل جي وچ ڌاران نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز شيڊيول آهي، پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز راولپنڊي ۽ لاهور ۾ 18 اپريل کان شروع ٿيندي.
ان کانسواءِ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ پاڪستان کي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.