اي آءِ اينڪر کانپوءِ اي آءِ ٽيچر به اچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پهرين آرٽيفيلشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهيل اسڪول ٽيچر متعارف ڪرائي وئي آهي.
انڊين ميڊيا موجب ڪيرالا رياست جي شهر Thirubananthapuram ۾ اسڪول هٿرادو ذهانت جي مدد سان تخليق ڪيل ٽيچر ”آئرس“ متعارف ڪرائي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئرس ڀارت جي پهرين هيومنائيڊ روبوٽ ٽيچر آهي ۽ ان کي مشهور ٽيڪ ڪمپني جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب اها هيومنائيڊ روبوٽ ٽيچر ٽن ٻولين ۾ ڳالهائي سگهي ٿي ۽ شاگردن جي ڏکين سوالن جا جواب ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿي.
روبوٽ ٽيچر تيار ڪندڙ ڪمپني انسٽاگرام تي آئرس جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ٻارن سان ڪلاس روم ۾ موجود آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Maker Labs (@makerlabs_official)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.