لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پاڪستان جا مهمان آهن سندن لاءِ بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سيڪيورٽي وفد ۾ نيوزيلينڊ پليئرز ايسوسيئيشن جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر هيلٿ ملز ۽ سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊڪاسن شامل هو ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ ڪرنل خالد ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عثمان واهلا ۽ ٻيا موجود هئا.
ڪيوي وفد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪيل سيڪيورٽي انتظامن بابت آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ وفد راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دوور ڪيو ۽ سيڪيورٽي پلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي شاندار قرار ڏنو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪيوي وفد کي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته نيوزيلينڊ ٽيم جا رانديگر پاڪستان جا مهمان آهن، سندن سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا.
You might also like