رمضان کان اڳ ڪراچي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي هدايت تي پرائس ڪنٽرول پروگرام شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ انتظاميا اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرائس لسٽ چيڪ ڪندي.
نوٽيفڪيشن موجب کير جي ڊيري فارم قيمت 180 رپيا، هول سيل 188 رپيا ۽ ريٽيل قيمت 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي هول سيل قيمت 123 رپيا ۽ ريٽيل پرائس 130 رپيا في ڪلو آهي.
اهڙي ريت ايڪس فلور مل اٽو 120 رپيا، هول سيل 123 رپيا ۽ ريٽيل 128 رپيا في ڪلو، فائن ايڪس فلور مل اٽو 130 رپيا، هول سيل 133 رپيا ۽ ريٽيل 138 رپيا، جڏهن ته چڪي جي اٽي جي ريٽيل قيمت 140 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ٻاڪرو گوشت 1700 رپيا في ڪلو ۽ گَهٽي جي گوشت جو اگهه 1590 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي.
جيئري فارمي ڪڪڙ جي قيمت 366 رپيا، هول سيل 378 ۽ ريٽيل 386، جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 598 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.
ان سان گڏوگڏ ڪرياني ۽ بيڪري آئٽمز جي شين جي اگهن جا به نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.