وزيراعظم جو خيبر پختونخواهه جي برسات متاثرن لاءِ امداد جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۾ طوفاني برساتن سان فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 20-20 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن لاءِ 5-5 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته تباهه ٿيندڙ گهرن جي اڏاوت لاءِ 7 لک ۽ جزوي طور نقصان پهتل گهرن جي تعمير لاءِ 3 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو.
گورنر هائوس پشاور ۾ برسات متاثرن سان گفتگو ڪندي وزيراعظم چيو ته طوفاني برساتن سان صوبي ۾ وڏي تباهي ٿي، توهان سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان.
هن چيو ته صوبائي حڪومت سان گڏجي جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، پاڪستان موسمياتي تبديلي سان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، اڳواٽ قدم نه کنياسين ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.