آمريڪا ۾ جهاز ڪري تباهه، 5 ڄڻا فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪا جي رياست ٽينيسي ۾ نجي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ پائلٽ سوڌو 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
آمريڪي ميڊيا موجب اهو حادثو ٽينيسي رياست جي راڄڌاني نيش وِل ۾ پيش آيو جتي سنگل انجڻ وارو جهاز تباهه ٿيڻ سبب 5 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
رپورٽ موجب نيش وِل جي جان ٽيون هوائي اڏي جي ڪنٽرول ٽاور کي پائلٽ پاران پيغام مليو ته سندس جهاز جي انجڻ اور پاور فيول ٿي رهي آهي ۽ کيس هنگامي لينڊنگ جي اجازت گھربل آهي.
نيش وِل فائر ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ٻڌايو ته جهاز هاءِ وي جي ويجهو تباهه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.