آءِ بي اي ڪراچي پاران 16هين ايڇ اي سي آل پاڪستان انٽرورسٽي وومين ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ

ڪراچي (پ ر) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ۾ اسپورٽس اينڊ ڪميونٽي اينگيجمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران 16هين ايڇ اي سي آل پاڪستان انٽرورسٽي وومين ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ 24-2023ع وڏي جوش ۽ جذبي سان مين ڪيمپس ۾ شروع ٿي وئي. آءِ بي اي ڪراچي جي ميزباني ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ پنجاب يونيورسٽي سميت پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين مان 13 ٽيمن شرڪت ڪئي جن ۾ بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي، ملتان؛ جناح وومين يونيورسٽي، ڪراچي؛ ڪنيرڊ ڪاليج، لاهور؛ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو؛ يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي، لاهور؛ ڪراچي يونيورسٽي؛ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي؛ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي، لاهور؛ ديوان يونيورسٽي، ڪراچي؛ همدرد يونيورسٽي، ڪراچي؛ اسلاميه يونيورسٽي، بهاولپور، ۽ آءِ بي اي ڪراچي شامل آهن.

تقريب جي شروعات مارچ پاسٽ سان ڪئي وئي جنهن ۾ سمورن يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر/انچارج اسپورٽس، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) ڪراچي، جناب جاويد علي ميمڻ، خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته جناب معيد سلطان، ڊائريڪٽر فنانس، آءِ بي اي خاص مهمان هئا. تقريب ۾ سينيئر اسپورٽس جرنلسٽ سيد يحيٰ حسيني ۽ انٽرنيشنل وومين ڪرڪيٽ رانديگرياڻين رميم شميم ۽ جويريا خان سميت ٻين معزز مهمانن پڻ شرڪت ڪئي.

پنهنجي خطاب دوران جاويد علي ميمڻ هن تقريب ۾ آءِ بي اي ڪراچي پاران بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي ساراهه ڪئي.

هن راندين جي اهڙين تقريبن ۾ عورتن جي شموليت جي اهميت ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ انهن جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ٻين مهمانن پڻ عورتن جي راندين کي هٿي ڏيڻ ۾ ايڇ اي سي ۽ يونيورسٽين جي ڪوششن کي ساراهيو.

آل پاڪستان انٽرورسٽي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ چئن ڏينهن تائين جاري رهندي، فائنل ميچ 8 مارچ 2024 تي جمعي تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.