لاهور ۾ عورتن جي ”حلوه“ جا پوسٽر کڻي شهربانو نقوي جي سربراهي ۾ ريلي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پوليس طرفان اي ايس پي شهربانو نقوي جي سربراهي ۾ عورتن جي آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون.
اي ايس پي شهربانو نقوي جي سربراهي ۾ نڪتل آگاهي واڪ ۾ عورتن کي عربي لفظ ”حلوه“ جا پوسٽر کنيل هئا.
گڏوگڏ کين عورتن خلاف تشدد جو خاتمو جهڙا پوسٽر به کنيل هئا.
آگاهي واڪ ۾ پجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل عورتن به شرڪت ڪئي.
آگاهي واڪ جي پڄاڻي تي شهربانو نقوي خطاب ڪندي سوال اٿاريو ته لاهور ۾ عورت تي 200 ماڻهن حملو ڪيو ته اتي موجود ٻين 600 ماڻهن عورت جي مدد ڇو نه ڪئي؟
هن چيو ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ يقيني طور تي پوليس جو ڪم آهي پر عام ماڻهو جي به اها ذميواري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهن جي حفاظت ڪن.
واضح رهي ته لاهور ۾ عربي لفظ ”حلوه“ جو لباس پائڻ تي ماڻهن عورت جو گهيرو ڪيو هو ۽ الزام هنيو هو ته عورت جي لباس جي پرنٽ تي قرآني آيتون لکيل آهن، ان موقعي تي اي ايس پي شهربانو پهچي عورت کي بچايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.